اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته گڏيل قومن جي خصوصي ايلچي پاران ڪشميري ا??سا??ي حقن جي سرگرم ڪارڪنن خرم پرويز ۽ عرفان معراج جي گرفتاري ۽ انهن تي هنيل الزامن تي سخت ڳڻتي تي ٻڌل خط ڀارتي حڪومت کي موڪليو ويو آهي جيڪو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي عملدارن تي هڪ ٻيو فرد جرم آهي ڇو ته انهن ڪشمير ۾ ا??سا??ي حقن جي محافظن کي خاموش ۽ هرا??ان ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي، ڀارت خرم پرويز ۽ عرفان معراج سميت ٻين ڪارڪنن جي بنا جواز ۽ غيرقانوني نظربندي ختم ڪر??. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٻڌايو ته محمد سائرس سجاد قاضي اسد مجيد خان جي جڳهه تي پرڏيهي سيڪريٽري جون ذميواريون سنڀالي ورتيون، هو پاڪستان جو 32 هون پرڏيهي سيڪريٽري هوندو، هوگهڻ رخي سفارتڪاري جو وسيع تجربو رکي ٿو، هن گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن جنيوا ۾ 1995ع ??ان 1999ع تائين خدمتون سرانجام ڏنيون، هو 2005ع ??ان 2006ع تائين نئين دهلي ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر، واشنگٽن ڊي سي ۾ 2006ع ??ان 2013ع تائين جڏهن ته 2015ع ??ان 2017ع تائين هنگري ۽ 2017ع ??ان 2022ع تائين ترڪيه ۾ پاڪستان جو سفير رهيو. ترجمان چيو ته ا??ان ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي خدمتن ۽ سفارتڪاري تي ??ند?? دل ??ان ٿورا مڃون ٿا، ??ند?? قيادت ۾ پرڏيهي وزارت ڏکئي عالمي چئلينجن کي منهن ڏنو ۽ پاڪستان جي عالمي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو، پاڪستان جي فارن سروس جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ??ند?? ڪوششن کي ياد رکيو ويندو جيڪي قوم جي لاءِ پائيدار ثمر رکن ٿيون، ملڪ جي لاءِ ??ند?? خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪر??ون ٿا ۽ مستقبل ۾ ان جي لاءِ نيڪ خواهش رکون ٿا. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي ا??سا??ي حقن بابت خصوصي ايلچي پاران ڀارتي حڪومت کي خط موڪليو ويو آهي جنهن ۾ ڪشميري ا??سا??ي حقن جي ڪارڪنن خرم پرويز ۽ عرفان معراج جي غيرقانوني حراست، الزامن ۽ نظربندي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. خط تي گڏيل قومن جي ا??سا??ي حقن بابت خصوصي ايلچي جون صحيحون آهن، خرم پرويز ڄمون ۽ ڪشمير ڪوليشن آف سول سوسائٽي جو پروگرام ڪوآرڊينيٽر آهي جڏهن ته عرفان معراج ان سوسائٽي جو ريسرچر آهي، نئين دهلي جي روهني جيل ۾ نظربند آهي، گڏيل قومن جي خصوصي ايلچي ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ته انهن جون گرفتاريون ۽ نظربندي انهن جي ا??سا??ي حقن جي ڪم ۾ غيرقانوني رڪاوٽ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض عملدارن تي هڪ ٻيو فرد جرم آهي ڇو ته اها ڪشميري ا??سا??ي حقن جي محافظن کي خاموش ۽ حرا??ان ڪرڻ جي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي، ا??ان ڀارت تي زور ڏيون ٿا ته هو خرم پرويز ۽ عرفان معراج ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪشميري ڪارڪنن جي بنا جواز ۽ غيرقانوني نظربندي ختم ڪر?? جيڪي ڀارتي ڏاڍ جي خلاف آواز اٿارڻ تي جيلن ۾ قيد آهن.