اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ س??لن??ي چيو آهي ته نگران وفاقي حڪومت شفاف، آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ صوبن کي مڪمل تعاون فراهم ڪندي، آئين موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سان ڪوبه مٿڀيد وارو سلوڪ نه رکنداسين. ??ها ڳالهه هن سنڌ جي گورنر ڪ??مر??ن ٽيسوري سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چئي. مرتضيٰ س??لن??ي چيو ته شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، آئين تحت ??ها گڏيل ذميواري پوري ڪنداسين. سنڌ جي گورنر ڪ??مر??ن ٽيسوري مرتضيٰ س??لن??ي کي نگران وفاقي وزير بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني. مرتضيٰ س??لن??ي چيو ته هو جلد ڪراچي جو دورو ڪندو.