نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي نارويجن هم منصب اينيڪن هيٽ فيلڊ سان مل??قا?? ڪئي. گڏيل قومن ۾ پاڪس??ان?? مشن موجب نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيندڙ مل??قا?? ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن 75 سالا دوستي کي ساراهيندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گهڻ رخي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.