اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف آف ن??ول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي. ان حوالي سان هڪ خصوصي ۽ پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. تقريب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين ۽ هٿياربند فوج جي سربراهن ??ان??واءِ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. صدر پاڪ بحريه جي سربراهه کي سندس اڻٿڪ خدمتن ج?? اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو آهي. ان کان اڳ تقريب جي شروعات قومي تراني ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي.