اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيل??ني سڀاڻي اربع ڏينهن سعودي عرب جي شهر جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ه??گا??ي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جا??ي بيان موجب نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيل??ني اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي 18 آڪٽوبر تي جده سعودي عرب ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ه??گا??ي وزارتي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. اهو اجلاس اسلامي تعاون تنظيم غزه جي بحران ۽ اتان جي بند ۾ پيل شهرين جي انس??ني صورتحال جو جا??زو وٺڻ جي لاءِ طلب ڪيو آهي. جليل عباس جيل??ني وزارتي اجلاس ۾ غزه جي سنگين انس??ني صورتحال تي پاڪستان جا شديد خدشا پيش ڪند??. ن??ران پرڏيهي وزير اجلاس ۾ جنگبندي، گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي عوام کي امداد جي فراهمي جي فوري ضرورت تي زور ڏيندو. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ٻين ميمبر ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان پڻ ملاقات ڪندو.