بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر ۽ سي پي سي جي ڊسپلين ان??پيڪشن بابت مرڪزي ڪميشن جي سيڪريٽري لي شي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ س??اسي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ، اقتصادي تعاون خاص طور تي سي پيڪ تي ڀرپور طريقي سان ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر ۽ سي پي سي جي ڊسيپلين ان??پيڪشن بابت مرڪزي ڪميشن جي سيڪريٽري لي شي سان ڪالهه اربع ڏينهن بيجنگ ۾ ملاقات ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لي شي کي چين پاران ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي شاندار ان??قاد ت?? مبارڪباد ڏني ۽ کيس پولٽ بيورو اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ميمبر چونڊجڻ تي پڻ مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن ??اڪ??تان ۽ چين جي وچ ۾ س??اسي ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي اهم معاملن تي بنا مشروط تعاون تي اتفاق ڪيو. هن اقتصادي تعاون خاص طور تي چين ??اڪ??تان اقتصادي لنگهه جي تعمير تي نئين جوش ۽ جذبي سان ڀرپور ڌيان ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ چين جي ??اڪ??تان ۾ س??ڙپڪاري جي ڪاٿي کي وڌائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انهن شعبن ۾ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، انفراسٽرڪچر ۽ زراعت جي شعبن ۾ س??ڙپڪاري ۾ اضافي سان گڏوگڏ صنعتي تعاون ۽ خصوصي اقتصادي زونز جي تعمير شامل آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ لي شي ڪرپشن جي خاتمي ۽ مالي نظم ۽ ضبط تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم لي شي کي ??اڪ??تان حڪومت جي شفافيت ۽ حصيداري گورننس جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ چين جي ان حوالي سان تجربن مان فائدو کڻڻ دلچسپي جو اظهار ڪيو.