تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ازبڪس??ان جي صدر شوڪت مرزيوئيف ازبڪس??ان – افغانس??ان – پاڪس??ان ريلوي منصوبي کي ج??د مڪمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمهوريه ازبڪس??ان جي صدر شوڪت مرزيوئيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد ??ي ازبڪ صدر کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن سياسي، واپاري، اقتصادي، سلامتي، دفاع ۽ رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻطرفي تعاون جي وڌندڙ سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي نگران وزيراعظم ان رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (يو پي ٽي ٽي اي) جي فعال ٿيڻ سان اقتصادي تعاون تنظيم واپاري معاهدي (ايڪوٽا) کي هموار ڪرڻ کانسواءِ ٻطرفي واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي فروغ ملندو. ٻنهي اڳواڻن علائق??ئي اقتصادي انضمام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري ج?? معاهدي کي ج??د کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائق??ئي رابطن جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. هنن ازبڪس??ان – افغانس??ان – پاڪس??ان ريلوي منصوبي کي ج??د مڪمل ڪرڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ صدر مرزيوئيف غزه ۾ جاري انساني بحران ۽ ٻي علائق??ئي ۽ عالمي اڳڀر??ئي تي پڻ خيال جي ڏي وٺ ڪئي.