اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تر??يت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته تعليم ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. اها ڳالهه هن ب??ن الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾ تعليم جي موضوع تي رٿيل ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خط??ب ڪندي چئي. تعليم واري وزير چيو ته ڊجيٽل انقلاب سکڻ جا طريقا بدلائي ڇڏيا آهن جڏهن ته تعليم لاءِ وقت ۽ جڳهه جي رڪاوٽ هاڻ ڪوبه مسئلو ناهي. هن تدريس ۽ سکڻ ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال تي زور ڀريو. وفاقي وزير چيو ته تعليم معاشري کي مضبوط، مستحڪم ۽ خوشحال بڻائڻ جو بهترين ذريعو آهي. مدد علي سنڌي جو چوڻ هو ته تعليم اسان جي قوم جي اولين تر??يح هئڻ گهرجي. هن ب??ن الاقوامي ڪانفرنس جو بندوبست ب??ن الاقوامي اسلامي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف ايجوڪيشن اقراء يونيورسٽي ۽ انٽرنيشنل سينٽر آف ايڪسيلينس جي سهڪار سان ڪيو. ڪانفرنس ۾ قومي ۽ عالمي اسڪالرز طرفان 50 جي لڳ ڀڳ مقالا پيش ڪيا پيا وڃن. هائر ايجوڪيشن ڪميشن ايڇ اِي سي جي پروفريسر ڊاڪٽر مختار احمد خط??ب ۾ چيو ته ڪوبه ملڪ ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين هو تعليم ۾ سيڙپڪاري نه ڪري. هن چيو ته نوجوان قوم جي تقدير بدلڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان گذريل سال يورپ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اسڪالرزشپ حاصل ڪيون آهن.