ا??لا?? آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خيبرپخ??ون??واهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت محدود وسيلن جي باوجود صوبائي حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، صوبي جي عوام دهشتگردي جي خلاف لازوال قربانيون ڏنيون آهن، صوبي ??ا مالي وسيلا حل ڪ??ڻ جي لاءِ هڪ سيڪريٽريل ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا نيٽ هائيڊل پرافٽس ۽ تيل ۽ گئس جي رائلٽي جي ادائيگي جي حوالي سان سفارشون جوڙي، خيبر ميڊيڪل ڪ??ليج پشاور ۽ ايوب ميڊيڪل ڪ??ليج ايبٽ آباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو ڪم تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خيبرپخ??ون??واهه جي معاملن بابت اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ شرڪت ڪ??دڙ?? سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته خيبرپخ??ون??واهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت محدود وسيلن جي باوجود خيبرپخ??ون??واهه حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته خيبرپخ??ون??واهه جي مسئلن کان پوري طرح آگاهه آهيون، اسان خيبرپخ??ون??واهه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهيون. نگران وزيراعظم خيبرپخ??ون??واهه صوبي ??ا مالي وسيلا فوري طور تي حل ڪ??ڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هن صوبي جي عوام دهشتگردي جي خلاف لازوال قربانيون ڏنيون آهن. نگران وزيراعظم صوبي ??ا مالي مسئلا حل ڪ??ڻ جي لاءِ هڪ سيڪريٽريل ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي جيڪا ان حوالي سان حڪمت عملي جوڙيندي. ڪميٽي نيٽ هائيڊل پرافٽس ۽ تيل ۽ گئس جي رائلٽي جي ادائيگي جي حوالي سان سفارشون جوڙيندي. ڪميٽي جي سربراهي ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري ڪندو جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ منصوبابندي وارو وفاقي سيڪريٽري، پاڻي وسيلن وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ پيٽروليم وارو وفاقي سيڪريٽري شامل هوندا. نگران وزيراعظم خيبر ميڊيڪل ڪ??ليج پشاور ۽ ايوب ميڊيڪل ڪ??ليج ايبٽ آباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو ڪم تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت گذريل چئن مهينن ۾ هر شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرايا آهن جن جو فائدو ملڪ ۽ قوم ۽ ايندڙ چونڊيل حڪومت کي ٿيندو. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي، قانون ۽ پاڻي وسيلن واري نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم، خيبرپخ??ون??واهه جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه، ناڻي واري نگران صوبائي وزير احمد رسول بنگش، نئين ضم ٿيل ضلعن بابت نگران صوبائي وزير عامر عبدالله، ايف بي آر چيئرمين، واپڊا چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.