اسلام آباد – 18 – جنوري (??ي پي پ??) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي قومي سلامتي ۽ علائقائي سالميت تي ٺاهه نه ڪندو، پنهنجي سرزمين جي دفاع لاءِ سڀئي ضروري قدم کڻن??اس??ن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ايران جي سيستان ۽ بلوچستان صوبي ۾ پاڪستان جي ڪارروائي تي پ??هنجي بيان ۾ صدر ايراني شهرين کي جاني نقصان کان بچائيندي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ تي هٿياربند فوج جي پ??شيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ چيو ته دهشتگردي هڪ گڏيل چئلينج آهي، ان جي خاتمي لا??ِ عالمي ڪوششن جي ضرورت ??هي. هن چيو ته پاڪستان سڀني رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو ۽ ٻين ملڪن مان به اها ئي اميد رکي ٿو ته اهي عالمي قانونن جي خلاف ورزي نه ڪن. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران ڀائر ملڪ آهن، مسئلن کي ڳالهين ۽ گڏيل مشاورت ??ان حل ڪرڻ جي ضرورت ??هي.