اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي چيو آه?? ته ڀارتي ايجنٽس پاڪستان ۾ 2 معصوم شهرين کي ق??ل ڪيو، ڀارتي ايجنٽس کي ٺوس ثبوتن تي حراست ۾ ورتو ويو، هو پاڪستان ۾ دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ سڌوسنئون ملوث ??و، ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ به اهڙا ئي ڪيسز سامهون آيا آه??، ڀارت کي عالمي سطح تي ان جو جوابده ڪرڻو پوندو، پاڪستاني سرزمين تي ڀارت جي ڪارروائي پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آه??. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي ٻڌايو ته عالمي سطح تي ڀارت جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي، اسان وٽ پاڪستان ۾ ڀارتي ايجنٽس جا تفصيل موجود آه??، ٻن ڪيسز جا تفصيل شيئر ڪنداسين ڪجهه ڪيسز اڃا جاچ هيٺ آه??، جاچ مان خبر پئي ته ڀارتي ايجنٽ يوگش ڪمار ان ۾ ملوث آه??، اشوڪ ڪمار ۽ يوگش ڪمار ڀارتي ايجنٽس جي ذريعي ڪارروائي ڪرائيندا هئا، سهولتڪارن جي ذريعي انهن ايجنٽس جي خبر پئي. هن چيو ته گذريل سال پاڪستاني شهري محمد رياض کي پڻ راولا ڪوٽ ۾ مسجد ۾ قتل ڪيو ويو هو، ڀارتي ايجنٽ اجرتي ق??تل جي ذريعي محمد رياض کي ق??ل ڪرايو، سيڪيورٽي فورسز اجرتي ق??تل کي گرفتار ڪيو جنهن ڏوهه جو اعتراف ڪيو، ڀارتي ايجنٽ دهشتگردي ۽ ٻين وارداتن ۾ پڻ ملوث ڏٺو ويو. هن چيو ته ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ به اهڙا ئي ڪيسز سامهون آيا آه??، ڀارت کي عالمي سطح تي ان جو جوابده ڪرڻو پوندو، پاڪستاني سرزمين تي ڀارت جي ڪارروائي پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آه??. پرڏيهي سيڪريٽري ٻڌايو ته ڀارتي ايجنٽس جا اعترافي بيان به آه?? جيڪي هن وقت اسان جي تحويل ۾ آه??، اسان وٽ فنانشل ٽرانزيڪشنز جا ثبوت به موجود آه??، انهن ايجنٽسن جا پاسپورٽ نمبر ۽ سڃاڻپ شيئر ڪئي ويندي، رڳو اسان نه چئي رهيا آه??ون ڪئناڊا ۽ آمريڪا به اهڙي طرح جي ڪاررواين جي نشاندهي ڪئي.