اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سينيئر صحافي پرويز شوڪت مرحوم پنهنجي چار ڏهاڪن تي ٻڌل صحافتي دور ۾ سدائين صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز ج?? حقن جي لاءِ آواز اٿاريو، ميڊيا ورڪرز ج?? لاءِ مرحوم جي بي لوث خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، ٽيڪنالاجي جي تبديلي سان نوان رجحان سامهون اچي رهيا آهن، عوام کي ڄاڻڻ جو حق صحافت آهي، مستقبل جي ميڊيا ڊيجيٽل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (ورڪرز) جي اهتمام هيٺ پي ايف يو جي ورڪرز ج?? صدر، ايپنڪ جي اڳوڻي چيئرمين س??نيئر صحافي پرويز شوڪت مرحوم جي ياد ۾ منقعد تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته پرويز شوڪت پنهنجي چار ڏهاڪن تي ٻڌل صحافتي دور ۾ سدائين ميڊيا ورڪرز ج?? معاشي حقن جي لاءِ آواز اٿاريو، هو صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز ج?? مضبوط آواز هو، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافت جي شعبي ۾ سندس بي لوث خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چ??و ته پرويز شوڪت هڪ سٺو ۽ مخلص انسان هو، هن پنهنجي زندگي ۾ سدائين صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز ج?? حقن جي جنگ وڙهي، مرحوم هڪ عظيم ورثو ڇڏيو آهي جنهن کي ان جي ساٿي اڳواڻن کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. هن چ??و ته اسان کي پرويز شوڪت مرحوم جي ڪاميابين تي رشڪ آهي. هن چ??و ته پرويز شوڪت جي لاڏاڻي سان پريس ۽ ميڊيا انڊسٽري ۾ جيڪو خال پيدا ٿ??و آهي اهو ڪڏهن ڀرجي نه ٿو سگهبو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته ٽيڪنالاجي تبديل ٿي رهي آهي ۽ نوان رجحان سامهون اچي رهيا آهن جن ۾ ڪجهه مثبت ۽ ڪجهه منفي آهن. هن چ??و ته آرٽيفيشل انٽيلي جنس، وائيس ڪلوننگ، ڊس انفارميشن، پروپئگنڊه جي دور ۾ ميڊيا ورڪرز ج?? حقن ۽ معاشي مستقبل جو تحفظ ڪرڻ هڪ مشڪل ڪم آهي جنهن تي ڪميونٽي جي طور تي اسان کي سنجيدگي سان س??چڻ گهرجي. هن چ??و ته صحافت هڪ مشن ۽ عوام جي ڄاڻڻ جو حق آهي، ان حق جي لاءِ وڙهڻ به صحافت آهي. هن چ??و ته مستقبل جي ميڊيا ڊيجيٽل آهي، ميڊيا جي اندر چڪاس جو نظام لازمي جز ج?? حيثيت رکي ٿو، اسان کي ان نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اهو نظام ختم ٿي و??و ته صحافت به ختم ٿي ويندي. هن ڊيجيٽل ادارا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چ??و ته اسان کي مستقبل جي ٽيڪنالاجي جي عالمي رجحانن سان گڏ اڳتي وڌڻو پوندو. هن چ??و ته پرويز شوڪت مرحوم پنهنجي دور جي گهرجن کي سامهون رکندي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي حقن جو دفاع ڪيو، اڄ کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو اهو ئي بهترين طريقو آهي ته اسان انهن معاملن تي سنجيدگي سان س??چون ۽ موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ ٿيندي اڳتي وڌون. تعزيتي ريفرنس ۾ سينيئر سياستدان فرحت الله بابر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شا??يره شا??د ۽ صحافين جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.