اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان افغانستان کي ڪيترائي ڀيرا ٺوس ثبوت ڏنا ۽ اهو مطالبو ڪيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پاڪستان 18 مارچ تي افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته افغانستان جي خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، افغانستان ڳالهين جي ذريعي مسئلن جو حل چاهيون ٿا. ترجمان چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ويو. ترجمان فلسطين ۾ اسرائيلي فوج جي جارحاڻي ڪاررواين خاص طور تي غزه جي شفاءَ اسپتال تي تازي حملي جي شديد مذمت ڪ??ي جنهن ۾ رپورٽس موجب وڏي انگ ۾ معصوم ٻار ۽ عورتن سميت عام شهري مارجي ويا آهن. هن چيو ته بيگناهه ماڻهن ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچي ٿو. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري پائمالين جي پڻ شديد مذمت ڪ??ي. هن چيو ته گذريل ٽن مهينن دوران ڀارت والاريل ڪشمير جي 14 سياسي پ??رٽ??ن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي جي مذمت ڪ??يون ٿا، ڪشميري سياسي پ??رٽ??ن تي پابندي مذمت جوڳي آهي. ڪشمير بابت ڀارتي ليڊرن جي تازن بيانن کي رد ڪندي هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي جنهن جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي ذريعي ممڪن آهي.