اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي رليف ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قيمتن تي موث?? ڪنٽرول جي لاءِ سمورن انتظامي قدمن کي ي??يني بڻايو وڃي، پرائس ڪنٽرول جي حوالي سان هر هفتي اجلاس جي صدارت پاڻ ڪندس، ملڪي ضرورتن جي ڏس ۾ ضرورت جي شين جي فراهمي کي ي??يني بڻائڻ جي لاءِ مستقبل جي منصوبابندي جي حوالي سان هڪ ٺوس نظام ج??ڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضرورت جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول جي حوالي سان صوبائي حڪومتن پاران کنيل قدمن تي اعليٰ ??طحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.