اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پهرين ڏينهن کان ئي فيصلو ڪيو هو ته پاڪستان کي صنعتي قوت بڻائينداسين، ان مقصد جي لاءِ هو پاڻ ۽ سندس معاشي ٽيم هر ممڪن مدد فراهم ڪندا. وز??راعظم ايف بي آر چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ٽيڪس جي حوالي سان وفد جي تجويز تي هر سومر ڏينهن کلي ڪچهري منعقد ڪري ۽ صنعتڪارن جا مسئلا پاڻ ٻڌي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ مان چونڊيل چيمبر ??ف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدرن ۽ نمائنده وفد سان ڳا??ها??يندي ڪيو جنهن وز??راعظم سان ملاقات ڪئي.