لاهور / اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مڪڙن جي خاتمي لاءِ پنجاب حڪومت جي ٺوس حڪمت عملي ۽ قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئ?? ته مڪڙن جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ته جيئن ??بادگارن جي قيمتي فصلن کي ان قدرتي آفت کان تحفظ فر??هم ڪري سگهجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنجاب ۾ مڪڙن جي خاتمي جي حوالي سان قدمن تي اعليٰ سطحي بريفنگ دوران ڪيو. پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل مڪڙن جي حملي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صوب??ئي ۽ ضلعي انتظاميا جي مدد سان کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڄي صوبي ۾ مڪڙن جي حملي کي جديد مشينري جي استعمال ۽ ٺوس حڪمت عملي سان وڏي حد ??ائ??ن روڪيو ويو آهي.