اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) اين سي او سي عوام کي محرم دوران ڪورونا وائرس ايس او پيز جي تعميل کي يقيني بڻائڻ جي اپيل ڪئي آهي، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) عوام کي گذارش ڪئي ته هو محرم الحرام جي مجلس?? ۽ ??لوسن دوران ايس او پيز تي عمل کي يقيني بنائين ته جيئن ڪورونا وائرس جي موذي مرض کان بچي سگهجي، اين سي او سي جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙجڻ، حفاظتي رهنما اصولن سا?? اسڪولن جي ٻيهر کولڻ ۽ ان بيماري ۾ گهٽتائي جي رجحانن جي باري ۾ خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي، فورم وبائي بيماري ۾ گهٽتائي کي خ??ش آئنده قرار ڏنو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان بيماري جي پکيڙجڻ ۾ گهٽتائي واقع ٿي آهي.