اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ معياري تعليم جي فراهمي اهم حيثيت رکي ٿي، ان حوالي ??ان موقعا فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هو هتي خيبرپختونخوا صوبي ۾ هائير ايجوڪ??شن جي فروغ جي حوالي ??ان قدمن جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم وارو وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، هائير ايجوڪ??شن ڪم??شن جو چيئرمين طارق بنوري، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جو صلاحڪار خليق الرحمان، خيبرپختونخوا جو چيف سيڪريٽري ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف يونيورسٽين جا موجوده ۽ اڳوڻن وائيس ??ان??لرز ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿا.