اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، ايندڙ هفتي کان ان ڏس ۾ حڪومتي حڪمت عملي تي عملدرآمد شروع ڪيو ويندو. اها ڳالهه هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چئي. وزيراعظم عمرا?? خان چيو ته شين جي قيمتن ۾ اضافي جي سببن جو جائزو وٺي رهيا آهيون، ايندڙ هفتي ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورا قدم کڻنداسين. هن چيو ته ا?? ڳالهه جو جائزو وٺڻو آهي ته شين جي پهچ ۾ واقعي گهٽتائي آهي يا ان جو سبب ذخيره اندوزي آه??، اهو به ڏسڻو آهي ته عالمي منڊي ۾ پام آئل، دالين ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ ڪو اضافو ٿيو.